ڊاڪٽر انور عالماڻي

ڊاڪٽر انور عالماڻي

انور عالماڻي ڊاڪٽر

انور عالماڻي، ڊاڪٽر: اديب ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر انور عالماڻي ولد ڪريم بخش عالماڻيءَ جو جنم 15 آڪٽوبر 1948ع تي، ڳوٺ سونو خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم حمايت الاسلام ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. 1964ع ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ورتي. 1972ع ۾ MBBS جي ڊگري مڪمل ڪري ۽ 1974ع ۾ صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. سرڪاري ملازمت کي سال جي اندر الوداع ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ پنھنجي خانگي اسپتال قائم ڪئي. 1985ع ۾ پنھنجي والده جي نالي سان ٽنڊي محمد خان ۾ خيراتي اسپتال قائم ڪئي. سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ 1986ع ۾ دارالعلوم هاءِ اسڪول (ٽنڊو محمد خان) ۽ 1992ع ۾ مخدوم بلاول سائنس ڪاليج (ٽنڊو محمد خان) قائم ڪيا. ان کان علاوه پنھنجي والد جي نالي سان ڳوٺ ۾ ’ڪريم بخش عالماڻي ووڪيشنل اسڪول‘ به سندس نگرانيءَ ۾ هلندڙ آهي. لکڻ جي شروعات 1961ع ۾ روزاني ’عبرت‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ لکڻ سان ڪئي. ليکڪ طور سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”مذهب ۽ ماڻهو“، ”انقلاب ڇو“، ”سچ جو سڏ“، ”جيئڻ جو حقدار ڪير؟“، ”ساڻيھه جا سنيھا“ (علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا ليڪچر: ترتيب)، ’رهگذر“ (ڪالم)، ”دوزخ جو مسافر“ (ڪھاڻيون)، ”قرآن جي پڪار“، ”خدا ۽ سرمائيدار“، ”سرجيس تان سور“ (آتم ڪٿا)، ”Islam is the religion of peace “ ۽ ”Visionary Tales of Indus Valley“ شامل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.10.15  عيسوي

اديب ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر انور عالماڻي ولد ڪريم بخش عالماڻيءَ جو جنم 15 آڪٽوبر 1948ع تي، ڳوٺ سونو خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد يعقوب سولنگي شهيد
ڊنشا هوشنگ نادر شاهه
چوڌري پرويز الاهي
روچيرام گجو مل
رحماني مفتي خان محمد
امام بخش شمس
درويش دائود 1
سنڌ ابن علي
بلاول فقير نائچ
جسو ۽ جسراج
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون